ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار پيارولنڊ ٿاڻي جي حد باءِ پاس پل جمالي موڙ وٽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار  تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب مجيد جمالي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ جواد، اڪرم،  غفار ۽ ٻيا شامل آهن ، جڏهن جھيڙي بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، هوڏانهن مقتول جو لاش وارثن پاران اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيو ويو،   ٻي طرف مقتول جي ڀاءُ تاج جمالي موجب ته عدالت جي حڪم تي قبضي هيٺ آيل اسان جي زرعي زمين ضلعي انتظاميا  اسانکي خالي ڪرائي ڏني، اسان اڄ زمين تي وياسين ته  هٿياربندن  فائرنگ ڪري ڀاءُ مجيد کي قتل ڪري 6 ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو.