ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ڀرسان واپاري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ نصيرواھ تان 3 نامعلوم هٿياربند واپاري رزاق خواجه کي يرغمال بڻائي نئين سي ڊي 70 موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس هميشه جيان پيرا کڻندي رهجي وئي. ڦورو نامعلوم هنڌ ڏي غائب ٿي ويا هڪ هفتي دوران 10 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن جي چوري ۽ ڦر جون وارداتون ٿي چڪيون آهن پر پوليس هٿ مٿان هٿ رکيو تماشو ڏسڻ ۾ مصروف آهي.