ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شهر جي گرلز هاءِ اسڪول ۾ شاگردياڻين کي تعليم ڏيڻ بدران انهن کان اسڪول جي صفائي جو ڪم ورتو پيو وڃي. شاگردياڻين کان سوئيپر جو ڪم وٺڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائيرل ٿي وئي. اسڪول جي شاگردياڻين پاران ٽنڊوالهيار جي ڊي سي کي هڪ خط وسيلي اسڪول ۾ ٿيندڙ اڍنگي روئي بابت ڄاڻ پڻ ڏني آهي. اهو خط به وڊيو سان گڏ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي جنهن خط ۾ شاگردياڻين الزام هنيو آهي ته اسڪول جي پرنسپال شاگردياڻين کي انڊر دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ مختلف اڍنگا طريقا استعمال ڪري شاگردياڻين جي تذليل ڪري ٿي شاگردياڻين اهو به واضع ڪيو آهي ته ٽنڊوالهيار جي ڊي سي کي انهي کان اڳ به خط لکيو ويو هو پر انهي تي به ڊي سي ڪو قدم نه کنيو. سوشل ميڊيا تي شاگردياڻين کان سوئيپر جو ڪم وٺڻ واري وڊيو ۽ خط وائکو ٿيڻ بعد ٽنڊوالهيار جي شهرين ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٽنڊوالهيار رشيد زرداري چيو ته نياڻين سان ٿيندڙ اڍنگي روئي تي خاموش نه ويهيندس. سومر تي اسڪول جو وزٽ ڪري صورتحال جو جائزو وٺندس. هن خط واري سوال تي چيو ته آئون چيڪ ڪريان ٿو اهو خط مون وٽ اڃان نه پهتو آهي.