ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو  ڳوٺ سچيڏنو ورياھ ڀرسان جهول روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان  ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾  موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ پٺاڻ ڪالوني جو رهواسي 25 ورهين جو گيانچند پٽ تماچي ڪولهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته چمبڙ واسي 22 ورهين جو رائيڌن ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو، پوليس فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، تعلقي اسپتال مان طبي امداد بعد زخمي رائيڌن ڪولهي کي ڳڻتي جوڳي حالت  ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو. ٻي طرف پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.