ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد فوجي موڙ ڀرسان 6 ڏينهن اڳ ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حاجي جاني ساند واسي 17 ورهين جي نوجوان عبدالخالق پٽ راڻو ساند ڪوما ۾ رهڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.