ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) ٽنڊوآدم لڳ روھڙي ڪئنال جي ڪپرن تان وڻن جي  غيرقانوني واڍي ڪئي پئي وڃي، آبپاشي کاتي جي عملدارن ڪيترائي وڻ وڍي ڇڏيا آهن، ڳوٺاڻن گهيراءُ ڪيو ته عملو ڪاٺ ڇڏي فرار ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊي آدم لڳ روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تي  آر ڊي 834 وٽان آبپاشي عملي پاران مبينا طور غيرقانوني طور ٻٻر جي ڪيترن ئي وڻن جي واڍي ڪري ڪاٺ لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن پهچي عملي جو گهيراء ڪيو ۽ مزاحمت ڪندي سندس خلاف نعريبازي ڪئي ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملي وچ ۾ ٿيل ڏند چڪ کانپوء عملو ڪاٺ ڇڏي روانو ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻ غلام سرور ابڙو دانهيندي ٻڌايو ته وڻ زندگي آهن آبپاشي عملدار وڻ پوکي انهن جي حفاظت ڪرڻ بجاء غيرقانوني واڍي پيا ڪن ۔ هن گهر ڪئي ته ملوث عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ روهڙي ڪئنال جي پل تي ڌرڻو هڻداسين.