ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جو رهندڙ 18 سالن جو عبدالرحمان عرف عبدالواجدولد جاويد بهڻ 8 ڏينهن اڳ گهران نڪتو هو جيڪو اڃا واپس نه پهتو آهي، پراسرار طور گم ٿي ويل نوجوان عبدالرحمان عرف عبدالواجد بهڻ جي گم ٿيڻ کان پوءِ سندس وارثن پاران سندس ڳولا ڪئي وئي پر سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن کان پوءِ گم ٿيل نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. گم ٿيل نوجوان جي والد جاويد بهڻ پاران اغوا جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي. هن ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي آهي ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.