ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مزار خاصخيلي ۾ 17 سالن جي نوجوان ميرخان گهروارن کان ناراض ٿي زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٽنڊوآدم جي الهيار ڳوٺ ۾ 35 سالن جي پرڻيل عورت مڌو پاران پڻ گهرو مسئلن سبب زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم ۾ داخل ڪيو ويو آهي.