ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او غلام نبي ٿهيم کي سٽي ٿاڻي ۽ تعلقي ٿاڻي جي جون اضافي چارجون ڏنيون ويون آھن، جنهنڪري ٽنڊي آدم جي ٽنهي ٿاڻن جون چارجون بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او غلام نبي ٿهيم حوالي آھن.۔ ٻنهي ٿاڻن جي ايس ايچ اوز جي موڪل تي وڃڻ سبب کيس عارضي طور چارجون ڏنيون ويون آهن.