ٽنڊوڄام (ن پ ا) زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ملازمن پگھار نہ ملڻ، ليوانڪيشمنٽ نہ ڏيڻ، من پسند ماڻھن کي پروموشن ڏيڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ سوين ملازمن جميل  مري، انور گوپانگ، ڪاشف ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي، وائيس چانسلر بلاڪ آڏو ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڊائريڪٽر فنانس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪندا رھيا. ان موقعي ھنن خطاب ڪندي چيو تہ ڊائريڪٽر فنانس جي نااهلي سبب ملازمن کي پگھار جاري ناھي ٿي سگھي، جنھن سبب ملازم سخت مالي مشڪلاتن جي منھن ڏئي رھيا آھن. ھنن چيو تہ ٻين يونيورسٽين ۾ ليوانڪيشمنٽ ڏنو ويو آھي، پر زرعي يونيورسٽي جي جي ملازمن جي نہ پئي ڏني وڃي. ھنن الزام لڳائيندي چيو تہ انتظاميه ۽ ملازمن يونين ملي ڀڳت ڪري من پسند ماڻھن کي پروموشن ڏنو ويو آھي. جيڪو اھل ملازمن سان ناانصافي آھي. ھنن چيو تہ اسان انتظاميه کي 16 مطالبن تي ٻڌل چارٽر آف ڊيمانڊ ڏئي ڇڏيو آھي. جنھن ۾ پگھار، ليوانڪيشمنٽ، پروموشن، فوتي ڪوٽا جا آرڊر ڏيڻ، ريٽائر ڪوٽا جا آرڊر، يوٽيلٽي الائونس سميت ٻيا مطالبو شامل آھن. ھنن گھر ڪئي ملازمن جا سمورا جائز مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.