خيرپور/پيروسڻ/ سيٺارجا/ ٽنڊو مستي (نمائندن وٽان) سماجي اڳواڻ نثار احمد شر ڪجهه ڏينھن پھريان مقصود شر طرفان ناري ڪنول جي مبينا اغوا ڪوشش واري مسئلي ۾ برادري جا چڱا مڙس ساڻ ڪري ميڙ منٿ قافلي جي صورت ۾ مسئلي جي حل لاءِ ٽنڊو ميرعلي پھتو، متاثر ڌر جي طارق آرائين، مجيد آرائين، ڪامريڊ افضل راشد آرائين پاران مثبت موٽ ڏيندي مسئلو ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. منٿ ميڙ قافلي جي اڳواڻ نثار احمد شر ناري ڪنول سان ملاقات ڪري کيس دلجاءِ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي اجرڪ پڻ اوڍايو. ان موقعي تي نثار احمد شر چيو ته ڪنول اسان جي به نياڻي آهي،آرائين برادري سان اسان جو اٿڻ ويهڻ ڀت برادر آهي، انشاءَ الله اري ڪنول آرائين وارو معاملو جلد حل ٿي ويندو ۽ آرائين برادري ڀائرن سان محبتون قائم رهنديون. واضع رهي ته 2 هفتا اڳ اسڪول مان نوڪري تان واپس ايندي ٽنڊو ميرعلي واسي ناري ڪنول آرائين کي مقصود شر ساٿين جي مدد سان مبينا طور کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي مقصود شر سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.هوڏانهن ناري ڪنول اغوا خلاف خيرپور، سيٺارجا ۽ ٽنڊو مستي ۾ ريليون ڪڍي احتجاج مظاهرا ڪيا ويا. خيرپور جي سول سوسائٽي پاران پير جند وڏو کان پريس ڪلب تائين سماجي اڳواڻ سيد سليم راجا، پرويز سولنگي، امجد ڇڄڙو، حاڪم علي جت، اڪبر مڪول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. سيٺارجا ۾ جميل احمد، محمد ياسين، ظفر اقبال، مظهر حسين، محمد ياسين آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ٽنڊومستي علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين غلام رسول آرائين، نويد آرائين، محمد يونس آرائين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.