پيروسڻ (ن پ ا) ٽنڊو ميرعلي ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي عبدالمجيد آرائين جي اڳواڻي ۾ ٺري ميرواهه پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.محمد افضل آرائين، محمد ارشد آرائين، نورڀٽو، امتياز شيخ، افضل عامر، سيد فضل شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنول آرائين کي اسڪول کان واپسي تي هنڊياري ڀرسان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مک جوابدار کي ٺري ميرواه پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي باقي بچيل ٽن جوابدارن کي هن مهل تائين هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي. ڪنول آرائين اغوا ڪيس ۾ رهيل جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت م اسان ايس ايس پي خيرپور جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين