ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ برسات ٻوڏ متاثر عورتن جي امدادي رقم لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽر جي قيام تي شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ تي ڪاليج جي مين گيٽ آڏو شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، شاگردن سلمان ميمڻ، ڪاشف اڄڻ، رحيم خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته برساتن جي تباھڪارين ۽ دريائي ٻوڏ جي متاثر عورتن جي بينظير انڪم سپورٽ سينٽر جي قيام سان سوين شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ، ضلعي انتظاميه کي لکت ۾ شڪايت ڏيڻ باوجود انتظاميه سينٽر کي ڊگري ڪاليج مان ڪنهن ٻئي سرڪاري عمارت يا شادي هال ۾ منتقل ڪري نه سگهي آهي ، سينٽر ۾ هزارين عورتن جي اچڻ سان ڪاليج جون ليبارٽريون ۽ ريسرچ واري بلڊنگ کي تالا لڳل آهي ، لائبريري بند پيل آهي ڪاليج جي ڪلاس رومن ۾ 1500 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ گهٽ جڳھ هجڻ ڪري پريشان آهن جنهن جي ڪري فوري طور برسات ۽ ٻوڏ متاثر عورتن جي سينٽر کي ڊگري ڪاليج مان ڪنهن ٻئي علائقي ۾ منتقل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرا ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا .