ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي 70 موري ويجهو ڳوٺ صاحب خان لغاري تي 7 ڏينهن اڳ پوليس جي منشيات خلاف ڪيل ڪاروائي ۾ 4 جوابدارن کي بروقت گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل 44 جوابدارن مان 40 ڄڻن ۽ مک جوابدار اڪبر لغاري کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي، ڳوٺاڻن پوليس جي روڊن رستن تي ڪيل ناڪابندين، واپاري مرڪز بند ڪرڻ خلاف 70 موري روڊ تي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن محبوب نوحاڻي، اويس احمد هاليپوٽو، علي اصغر رند، فدا حسين ڪنڀار، رميش ڪمار، علي خان لغاري، حاڪم لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس ڄاڻايل ڪاروائين کانپوءِ ڳوٺاڻن کي پريشان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، 70 موري جي واپاري مرڪزن ۾ دڪان، هوٽلون، ڪاروبار زبردستي بند ڪرائي مزدور طبقي کي روزگار کان محروم ڪيو ويو آهي، روڊن تي چيڪنگ ڪري هر روز ڳوٺاڻن کي پريشان ڪيو وڃي ٿو، مردن عورتن سان گڏ معصوم ٻارن کي تعليمي درسگاهن ڏانهن وڃڻ تي تلاشي وٺڻ جي نالي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ روڪي سندن تذليل ڪئي وڃي ٿي، هنن چيو ته اسان کي جيئڻ جو حق ۽ روزگار جو حق اڃان تائين نه ڏنو ويو ته اسين مجبور ٿي روڊ رستا بند ڪنداسين ، پوليس جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين ، ياد رهي ته منشيات جي خلاف پوليس جي ڪاروائي باوجود پوليس 40 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ مک جوابدار اڪبر لغاري کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي .