ڪراچي (نمائندن وٽان)  باقراڻي لڳ انڙ هائوس علي آباد ۾ پ پ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ پاران 5 محرم الحرام تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي.گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ الله رکيو جلباڻي ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي.ٽنڊو محمد خان ۾ سيد نظر محمد شاهه دولها ، مرحوم مير وڪيو پاران بخاري جي پڙ کان ٻيڙو ڪڍيو ويو . امام بارگاهه علي رضا مان پڙ نڪتو ، جڏهن ته نظير ملاح جي گهر مان مهندي برآمد ڪئي وئي . اسٽيشن روڊ تان ذوالجناحن سان گڏ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ٻئي پاسي ڳوٺ حاجي خان ڪليري مان پڻ علم پاڪ ۽ ذوالجناحن تي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. فريدآباد لڳ ڳوٺ سيدپور ۾ هر سال جيان هن سال به 5 محرم الحرام جي ڏينهن تي ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ مجلس مُنعقد ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 6 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح جا 11 ماتمي پڙ برآمد ٿيندا. عزادار رابطا ڪميٽي موجب گذريل ڏينهن قدم گاهه مولا علي عه تان برآمد ٿيل مولا جو پڙ منجهند جو نهر لاءِ روانو ٿيندو. ان کانسواءِ کاهي روڊ جي علائقي مان مائي زنوار جو پڙ غلام رسول شاهه جي زير اهتمام، ڇوٽڪي گهٽيءَ وٽان ڀوچالي شاهه جو پڙ جاويد علي صبح پوٽو جي زير اهتمام، اسٽيشن روڊ تان مرحوم يعقوب ڪاسائيءَ جو پڙ شهنشاهه پٺاڻ ۽ گلفام پٺاڻ جي زير اهتمام، صرافه شاهي بازار مان جمن شاهه جو پڙ سيد خادم حسين شاهه جي زير اهتمام هيٺ برامد ٿيو. ڀٽ شاھ ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري سينا زني ۽ نوحا خواني ڪئي وئي ، انجمن غلامان اھلبيت ۽ انجمن شيعان حيدرقرار خندق ڪميٽي طرفان سيد گدا حسين شاھ ، سيد فداحسين شاھ ، سيد جراڙ لطيفي ، سيد ناد علي ڪربلائي ، سيد فرحاد عباس شاھ ، سيد احسن عباس شاھ ۽ سيد پرويز شاھ جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ 2 ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا ، ان موقعي تي عزادارن پاران سينا زني ۽ نوحا خواني ڪري ڪربلا جي شھيدن جي ياد تازا ڪئي.  سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پنجين محرم الحرام جي رات جو 3 قديمي ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا جنهن ۾ تعزيئي جو پھريون جلوس سبزواري ساداتن جي پڙ تان ڊاڪٽر سيد مھدي رضا شاھ ۽ سبزواري ساداتن جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو ويو, جڏھن ته تعزيئي جو ٻيو جلوس به درگاھ قلندر جي سجاده نشين سيد گل محمد شاھ عرف راجا شاھ جي اڳواڻي ۾ لڪياري ساداتن جي پڙ تان برآمد ڪيو ويو, جڏهن ته زري مبارڪ جو ٽيون ماتمي جلوس سيد حسن علي شاھ کٽ ڌڻي ساداتن جي پڙ تان برآمد ڪيو ويو.  ٿاڻوبولاخان جي مرڪزي امام بارگاھ پير روشن علي شاھ جيلاني جي پڙ تان ذوالجناح امام غازي عباس عه جي علم پاڪن وارو ماتمي جلوس برآمد  ٿيو