ٽنڊو غلام علي (ن پ ا) ٽنڊوغلام علي جي وارڊ نمبر 7جي رھواسي 20ورھين جي نوجوان ڪرن پٽ گووند ڀيل بيروزگاري کان تنگ اچي وارڊ نمبر 6 زمان ڪالوني ۾ سندن ئي اوطاق ۾ ڳچي ۾ رسو وجهي آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجائي ڇڏيو وارثن طرفان نوجوان کي ڳوليندي پنهنجي اوطاق تي پهتا جتي نوجوان جو لاش ٽنگيل حالت ۾ ھٿ آيو وارثن لاش کي سول اسپتال ٽنڊوغلام علي پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. والد گووند جو چوڻ هو ته پٽ بيروزگار هو.