ٽنڊو غلام حيدر ۾ راڄوڻي اتحاد پاران اميدوارن جي نالن جو اعلان

0
170
ٽنڊو غلام حيدر ۾ راڄوڻي

ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر  جي يوسي نصير خان چانگ ۾ راڄوڻي اتحاد پاران مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي. حاجي خداداد نظاماڻي جي اوطاق تي يوسي جي تمام برادرين جي گڏجاڻي ۾ مختلف برادرين جي معززين ۽ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي

جڏھن ته گڏجاڻي ۾ مرزا گروپ جي سردار اسلم خان چانگ،  پي ٽي آءِ ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻن آفتاب خان نظاماڻي، نظام جڳسي، ايوب خان لاشاري، خداداد نظاماڻي، سماجي اڳواڻ مرتضيٰ لغاري، سوشل ورڪر عبدالله خان ڀٽي، فاروق جڳسي، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالله اعواڻ، کمن لاکو، رشيد احمد خاصخيلي، اڪبر ملاح، حافظ مظفر ورياھه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  گڏجاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان راڄوڻي طرح صلاح مشورا ڪيا ويا جڏھن ته يوسي نصير خان چانگ تي چئرمين لاءِ رشيد احمد خاصخيلي، وائيس چيئرمين ساجد چانگ، ضلع ڪائونسل لاءِ ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالله اعواڻ  کي نامزد ڪيو ويو

باقي سيٽن لاءِ يوسي جي ڳوٺن جا دورا ڪري باشعور معززين سان صلاح مشورا ڪري مقامي باشعور اميدوار بيهاريا ويندا. گڏجاڻي ۾ مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي، جن ۾ لغاري، اوٺا، سيد پنھور، چانگ، چانڊيا، بھراڻي، خاصخيلي، لاشاري، شيدي، ڀٽي، کوکر، اعواڻ، ڪنڀر، جمالي، ڪولھي، ھاليپوٽا، جڳسي، سميت ڪيترين ئي ذاتين سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي، جن پنھنجي ڀرپور حمايت ۽ ساٿ جو يقين ڏياريو

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ۾ نامزدگي فارم بحال ٿيڻ بعد اميدوارن جي پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ