ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ڪڙيوگنهور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مهيار چانڊيو جي رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان قمبر چانڊيو ۽ مسمات سويرا چانڊيو صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته 4 مهينا اڳ اسان رضا خوشي سان عدالت ۾ شادي ڪئي، جنهن تان مائٽ ڏمرجي پيا آهن، موت مار ڌمڪيون ڏي رهيا آھن، جنهن سبب اسان دربدر آهيون، هنن چيو ته جانين کي خطرو آهي، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري زندگيون بچايون وڃن.