حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ويجهو ٽنڊو حيدر ۾ دڪانن جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ ۾ دڪان تي ويٺل ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پٻڻ پوليس جو چوڻ آهي ته خانزاده ۽ کوسا برادرين جي ٻن ڌرين ۾ ٻن دڪانن جي مالڪي تان واقعو پيش آيو. شروعاتي طور ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي سروٽن ۽ لٺين سان حملو ڪيو. بعد ۾ اڻڄاتل ماڻهن پاران فائرنگ ڪئي وئي ۽ فائرنگ ۾ دڪان تي ويٺل ڳوٺ ٽنڊو غلام محمد جا رهواسي نوجوان فرقان پرهياڙ ۽ نعمان پرهياڙ سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي