ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊي باگي ۾ ستين ڪلاس  جي شاگرد شاھد زنئور جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ زنئور برادري جي سوين عورتن ۽ مردن وڪيل فاضل زنئور، شاھجھان  زنئور ۽ مغوي جي والده ذواليخان جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو بدين روڊ تي ڳوٺ حاجي احمد زنئور وٽ روڊ تي رڪاوٽون رکي 10 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو ويو. اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته شاھد زنئور کي ڇهه ڏينهن اڳ ٽنڊوباگو مان پنگريو مل  واسي علي رضا چانڊيو ورغلائي اغوا ڪري ويو، اهڙي اين سي داخل ڪرائي پوليس اغوا ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري. ايس ايڇ او پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته شاھد زنئور کي ڪراچي جي سکن پور ٿاڻي جي پوليس ڀينس ڪالوني مان بازياب ڪرائي علي رضا چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او ٽنڊوباگو ڌرڻي واري هنڌ پهچي اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن کي بازيابي جي يقين دهاني ڪرائڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.