ٽنڊوباگو (ن پ ا) 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي سارنگ فقير 38 تان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي اميدوار جي سامهون بيٺل جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوار فيض زنگيجو پاران پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو، يوسي سارنگ فقير تان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر حاجي سائين بخش جمالي سميت چيئرمين تي صدر جمالي، وائيس چيئرمين امتياز علي خواجه، جنرل ڪائونسلر طور سڪندر جمالي، جعفر ڪلوئي ۽ غلام رسول زنگيجو بنان مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.