ٽنڊوباگو (ن پ ا ) روشني انسٽيٽيوٽ سائنٽيفڪ ايجوڪيشن ھاءِ اسڪول ٽنڊوباگو ۾ ايڪتا جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي استادن ڪيلاش ڪمار، راج ڪمار لوھاڻا، آڪاش ميگھواڙ چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، محبت جو درس ڏي ٿي، اڄ جي دور ۾ لازم آھي ته شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ ثقافت جي حوالي سان شعور بيدار ڪريون. جڏهن ته تقريب ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پيش ڪري داد ماڻيو.