ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ 19 کان 17 گريڊ جي ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آهن، ايم ايس سميت صرف 4 ڊاڪٽر ۽ هڪ ليڊي ڊاڪٽر مقرر آهن،  اسپتال ۾ ڇاتي جي بيماري، اکين، نڪ، ڪن، گلي، عورتن جي بيمارين، چمڙي جي بيمارين، ڏندن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن جون سموريون سيٽون خالي پيل آهن. اسپتال ۾ ڊسپينسر کان وٺي بلڊ، اوٽي، ليبارٽري، اي سي جي ٽيڪنيشن سان گڏ وارڊ سرونٽ، وارڊ اٽينڊنٽ، وارڊ بواءِ، دائي، ڌوٻي، نائب قاصد ۽ چوڪيدارن سميت 48 جايون خالي هئڻ ڪري اسپتال جو وهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اسپتال م مقرر ڊاڪٽر ديپڪ ٻن سالن کان وٺي غير حاضر آهي، ڊاڪٽر اميش ڪمار 6 مهينن جي موڪل وٺڻ پوءِ غائب آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر صباح پاٽولي پڻ اڍائي سالن جي موڪل تي ھلي وئي آھي.سماجي اڳواڻن، قمبر علي شاهه، محمد يوسف ميراڻي، شاهجهان سمون پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ ڊاڪٽرن ۽ هيٺين عملي جي ڳوٺ ختم ڪري ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هوڏانهن ايم ايس ڊاڪٽر اسلم ڀرڳڙي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته تعلقه اسپتال ۾ 25 ڊاڪٽرن 80 کان وڌيڪ لوئر اسٽاف جون سيٽون سيڪشن ٿيل آهن.  پر ڪيتري ئي وقت کان ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي شديد کوٽ آهي، ڪافي ڀيرا ڊي ايڇ او ۽ سيڪريٽري هيلٿ بدين کي ماهر ڊاڪٽر ڏيڻ ۽ لوئر اسٽاف لاءِ لکت عرض ڪيا آهن پر ان تي عمل نه ٿيو آهي. عمارت زبون حال ٿي وئي آهي، نئين عمارت لاءِ به لکپڙهه ڪئي آهي.