ٽنڊو الهيار (ن پ ا) ٽنڊو الهيار ۾ موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، شهرين هڪ جوابدار کي پڪڙي ورتو، ٻيو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، امان الله شاھه ڪالوني ۾ موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ هڪ جوابدار کي پسٽل سوڌو شهرين پڪڙي ورتو، شهرين مارڪٽ ڪرڻ بعد جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، هڪ جوابدار فرار ٿي ويو.