ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار نصير واھ مان نڪرندڙ6 شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ زرعي جعلي ڀاڻ ۽ جعلي دوائن ٽنڊوالهيار جي آبادگارن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي. 6 ئي شاخن ناگنا شاخ، بلغائي شاخ، غريب شاخ، لانڍي ون ۽ ٽو شاخ ۽ ٽنڊوسومرو ٽو شاخ جي آبادگارن جي زرعي ڪچهري ٿي گزري جنهن ۾ آبدگارن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلھه آبادگارن جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن شڪايتن کي اعلا اعوانن تائين پهچائڻ جو آبادگارن کي يقين ڏياريو. ان موقعي تي آبادگار غلام رسول لنڊ، ڏاڏو بچل آريسر، فقير عنايت ڪالرو، شريف لنڊ، فقير عبدالحڪيم ڪالرو، حاجي خان ڪالرو الهبچايو ڪالرو، فداچوهاڻ ۽ ٻين آبادگارن شڪايتن جا انبار لڳائيندي چيو ته ٽنڊوالهيار جي مختلف شاخن تي بااثر داروغا پيسن جي بغير پاڻي نٿا ڏين. ٽنڊوالهيار نصير واھ مان نڪرندڙ شاخن جي پوڇڙ ۾ واري اڏامي پئي داروغا پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڏيکاري مڍ جي بااثر آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن ٽنڊوالهيار جي مختلف شاخن تي پوڇڙ جون هزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد ٿي چڪيون آهن عوام کان ووٽ وٺندڙ ايم پي ايز ۽ ايم اين اي هٿ مٿان هٿ رکي تماشو ڏسي رهيا آهن، آبادگار وڌيڪ چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ جعلي ڀاڻ جعلي ٻڄ ۽ جعلي زرعي دوائن جي وڪري آبادگارن جي ويترر چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي. آبادگارن وڏي وزير،آبپاشي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٽنڊوالهيار جي آبپاشي کاتي ۾ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪامورن خلاف فوري طور ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ آبادگارن کي جعلي ٻج ڀاڻ ۽ دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن کي گرفتار ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن.