ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊو الهيار ۽ مسڻ ۾ ڪيلي جي واپارين جو احتجاج جاري رهيو. اڳواڻن  شوڪت جروار ۔حبدار شيدي  ۽ ٻين ٽائم نيوز ۽ پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  بائي پاس تي قائم ڪيلي جو هي مرڪز غريب مزدورن جي روزگار جو زريعو بڻيل آهي ڪيلي جي ننڍن واپارين ۽ ننڍن آبادگارن کان سٺي اگھ ۾ ڪيلو خريد ڪري روڪڙا پيسا ڏيڻ جو مرڪز بڻيل آهي جنهن کي ڊي سي ٽنڊوالهيار برباد ڪرڻ چاهي ٿو هنن وزيراعلا سنڌ ۽ ٻين اعلا اختيارين کان فوري نوٽس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن  يوسي بيگن جروار جي ڪيلي جي واپارين ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. رسول بخش جروار الھ بخش جروار محمد سليمان جروار شڪيل جروار   نبي بخش جروار ۽ ٻين چيو تہ ڊي سي ٽنڊوالھيار ڪيلي جي منڊي بند ڪرڻ جو نوٽس ڪڍيو آھي اھو نوٽيس هن ڪيلي جي منڊي بند ڪرڻ جو نہ پر ڪيترين ئي مزدورن جو پيٽ گذر جو ذريعو بند ڪرڻ جو نوٽس ڪڍيو آھي.  ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ٻين واسطيدار اختيارين کي گذارش ڪئي آهي تہ ڪيلي جي منڊي ٿيڻ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري ڪيلي جي منڊي کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌايو ويندو.