ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊو الهيار مال پڙي جو ٺيڪو رات پيٽ ۾ نيلام ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي حال ۾ آفس ٽائم کانپوءِ رات دير تائين مال پڙي جي ٺيڪي لا۽ ٻولي جاري رهي، جنهن ۾ ميونسپل جي آفيسرن شرڪت ڪئي ۽ ٺيڪي جا واڪ وٺندا رهيا. مال پڙي جو ٺيڪو هڪ ڪروڙ 80 لک مان وڌائي پهريون ڀيرو 20 ڪروڙ هڪ لک رپين ۾ صابر قريشي حاصل ڪري ورتو. ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي ۾ مال پڙي جو ٺيڪي جي نيلامي ۾ 30 کان وڌيڪ ٺيڪيدارن حصو ورتو. مال پڙي جو ٺيڪو هر سال 1ڪروڙ 80لک تائين وڪرو ٿيندوهو. گذريل شام مل پڙي جي هلندڙ ٻولي هڪ ڪروڙ کان شروع ٿي ۽ رات دير تائين جاري رهي جنهن ۾ آخري ٻولي 20 ڪروڙ هڪ لک رپين تي اچي فائنل ٿي. ٽنڊوالهيار ميونسپل حال ۾ ٺيڪو ماڻيندڙ ٺيڪيدار صابر قريشي 2 ڪروڙ ايڊوانس ۾ جمع ڪرائي ٺيڪو حاصل ڪيو. ٽنڊوالهيار جي مال پڙي جي ٺيڪي جي ٻولي لاءِ ضد ۾ اچي مختلف ٺيڪيدارن پنهنجون پنهنجون ٻوليون ڏئي مال پڙي جو ٺيڪو 20 ڪروڙ هڪ لک تي پهچائي ڇڏيو. مال پڙي جو ٺيڪو 20 ڪروڙ ۾ وڪرو ٿيڻ تي ٽنڊوالهيار جا شهري ۽ سياسي سماجي ڌريون حيرت جو اظهار ڪري رهيون آهن جڏهن ته مال پڙي جو ٺيڪو ماڻيندڙ ٺيڪيدار کي تمام ٺيڪيدارن ۽ ميونسپل جي عملدارن مبارڪون ڏنيون ۽ هن جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي.