ٽنڊوالهيار (رپورٽ: نيازخاصخيلي) ٽنڊوالهيار پوليس لاڪ اپ ۾ پر اسرار نموني فوت ٿيل نوجوان بابر خانزادي جي ڪيس ۾ فريادي سندس ڀيڻ بفرا خانزادي ٽنڊوالهيار جي ايس ايس پي تي بي عتمادي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار احمد کھاوڙ کي فوري طور ھٽائن جو مطالبو ڪندي، ڀاءُ جي ڪيس جي جاچ ايماندار پوليس آفيسر کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نوجوان جي ڀيڻ بفرا خانزادي چيو ته ڪيس جي داخل ٿيڻ بعد مونکي ڌمڪيون ملي رهيو آهن، پوليس جاچ تي اعتماد ناهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مامري جي ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف ڪيس ۾ نامزد پوليس اهلڪار عرفان ڏاهري جي وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قاسم ڏهري، جاويد علي، عطا محمد پتافي، ابواب قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته بابر خانزادي واري ڪيس ۾ عرفان ڏاهري کي بيگناھ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، حقيقي پوليس اهلڪارن جا نالا ايف آءِ آر ۾ نه وجهي اسان سان زيادتي ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته بابر جي وارثن سندس مائٽن کي بچائيندي اسان جي نوجوان عرفان ڏاهري کي ڦاسايو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري بيگناهه عرفان ڏاهري مٿان ڪيس ختم ڪيو وڃي.