ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم بي سيڪش ٿاڻي جي حد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڌاڙي، ڦر ۽ چوري جون 3 وارداتون ٿيون آهن، ان ڏس ۾ راڻا ٽائون ۾ بيضن جي هول سيلر سليم ملڪ جي گهر ۾ 3 هٿياربند داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 5 لک رپيا روڪ، 2 تولن جا سونا زيور ۽ هڪ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف ڊوگر ننگر ۾ 2 هٿياربند نعيم راجپوت کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر فرار ٿي ويا، هوڏانهن لانڍي روڊ ميمڻ رستي تي واقع زميندار عمر ميمڻ جي 5 ڪمرن واري اوطاق جون ڇتيون ٽوڙي 15 گارڊرز، ٽيئر ، ڇت واريون سرون ڊاٽس ۾ وجهي چر کڻي فرار ٿي ويا، چوري جي ماليت 15 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي.