ٽنڊو آدم (ن پ ا) سماجي براين خلاف متحرڪ اڳواڻ جي گهر تي هٿياربندن جو مبينا حملو، فائرنگ، در دريون پروڻ ٿي ويا، گهر ڌڻي محفوظ رهيا، رپورٽ موجب ڳوٺ طارق عزيز ڏيرو ۾ گذريل رات دير سان سماجي براين خلاف جدوجهد ڪندڙ سنڌ پاڪ تحريڪ جي متحرڪ اڳواڻ غلام سرور ابڙو جي گهر تي هٿياربندن مبينا حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ در دريون پروڻ ٿي ويا ۽ ديوارن کي نقصان پهتو، جڏهن ته گهر ڀاتي محفوظ رهيا، ڳوٺاڻن جي جوابي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي پيرا کنيا، جيڪي ڳوٺ ڀرسان گم ٿي ويا، سرور ابڙو جو چوڻ آھي ته هن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.