ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ ريلوي پوليس ڪارروائي ڪري رڪشا لوڊر ۾ رکيل  ريلوي جو چوري ڪيل  16 مڻ سامان هٿ ڪري ڊرائيور عمران چشتي ۽ سندس ساٿي مشتاق چشتي کي گرفتار ڪري ورتو، ريلوي پوليس موجب معاملي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس موجب اطلاع مليو ته ريلوي ٽاور ڀرسان مينهن جي واڙي وٽ  ريلوي جي سامان سان ڀريل هڪ ڳاڙھي رنگ جي چنگچي لوڊر بيٺل آھي، جنهن جي تلاشي دوران سامان هٿ ڪيو ويو، ھوڏانهن رڪشا ڊرائيور پنهنجي ويڊيو بيان ۾  پوليس اهلڪارن تي الزام هنيو آهي ته اهو سامان سٽي ٿاڻي تان پوليس اهلڪار سلمان عرف صلو راجپوت ۽ محسن کوکر  کڻائي واڙي تي رکرايو، اسان ڪا به چوري ناهي ڪئي، اسان کي هروڀرو ڦاسايو ويو آھي.