ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو، پورهيت طبقو پريشان، رپورٽ موجب سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ٽنڊو آدم ۾ منافعي خورن هٿرادو مهانگائي ڪري ڇڏي آھي، شهر جي دڪاندارن پاران هن وقت اٽو 110 کان 125 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب پورهيت طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آھي، جڏهن ته انتظاميا پاران اٽي جي وڌندڙ اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، پورهيتن احمد ساند، حنيف مري، منور علي، شفيع حاجاڻو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برساتن ۾ گهر ڊھي پيا ۽ روزگار به ختم ٿي ويو آھي، مٿان وري اٽو جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ٻچن جو پيٽ پالڻ مشڪل ٿي ويو آهي،