ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم جي الهيار ڳوٺ ڀرسان باء پاس وٽ 2 هٿياربندن ٽنڊو آدم بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد  اشرف پنهور جي ڀاءُ  راشد پنهور کي يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت  تي ڦورن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو، ان دوران ڳوٺاڻن مڙسي ڪري 2 جوابدرن کي  ڪڙي وڌو، جنهن کي ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪيو ويو. زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف شهر ۾  اڻڄاتل جوابدار حافظ نور احمد شيخ جي  موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا.