ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ محمد خان جسڪاڻي ۾گهر اندر پراسرا نموني گولي لڳڻ ڪري 15 ورهين جي نينگري بي نظير جسڪاڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارث تعلقي اسپتال کڻائي آيا، جتي نينگري طبي امداد ملڻ کان اڳ ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو، ان حوالي سان نينگري جي ڀاءُ ذوالفقار جسڪاڻي پوليس کي بيان ڏنو ته ڀيڻ بستري تي پيل رپيٽر کنيو ته گولي هلي وئي، جيڪا ڀيڻ کي لڳي، جنهن سبب هو فوت ٿي وئي، هوڏانهن ايس ايچ او ٻڌايو ته مائٽن اتفاقي طور گولي لڳڻ جو ٻڌايو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي، مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.