ٽنڊو آدم( ن پ ا ) ٽنڊوآدم لڳ عورت روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي فوت، رپورٽ موجب باقر نظاماڻي ڀرسان روهڙي ڪينال ۾ 45 ورهين جي مسمات آمي زال جمن ملاح ٻڏي فوت ٿي وئي، پوليس لاش وارثن جي مدد سان ڪڍي تعلقه اسپتال آندو، پوليس موجب عورت کي مرگهي جو مرض ھو، چڪر اچڻ ڪري ڪري فوت ٿي وئي، هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ڌيءُ سان ملڻ لاءِ آيل هئي، بخشو نظاماڻي واسي عورت جي ڌيءُ برساتن سبب روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تي جهوپڙي ۾ رهيل هئي، جتي عورت کي مرگهي جو دورو پيو.