ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان فيس بڪ تي غلط پوسٽ رکڻ تان ٿهيم برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 عورتن سميت 14 ڄڻا زخمي، رپورٽ موجب ڳوٺ غلام محمد ٿهيم ۾ فيس بڪ تي مبينا طور غلط پوسٽ رکڻ تان ٿهيم برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا  لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جي 4 عورتن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين  ۾ مسمات وزيران، حسينا، سونهن، هيرٻائي، سائين بخش، صدام، علي محمد، انور، غلام محمد، عبدالستار، ابوبڪر، حسين شامل آھن، جن کي اسپتال نيو ويو، واقعي جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين خلاف ڌار ڌار اين سي داخل ڪئي وئي آهي.