ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران جوابدار ميان بخش ولد لال بخش لنجواڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس 3 ساٿي گل خان لنجواڻي، علي غلام لنجواڻي ۽ لال خان عرف ڪارو لنجواڻي فرار ٿي ويا، پوليس موجب گشت دوران ڳوٺ حسن جميل وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين موبائيل تي فائرنگ ڪئي، جوابي ڪارروائي ۾ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار وٽان هڪ بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪيو آھي، هوڏانهن چوٻول آهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪيو آهي.