ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ويجهو ٻن پرڻيل عورتن پاران گهرو پريشانين سبب آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل، رپورٽ موجب ڳوٺ قيصر گهوٽ جي رهواسي پرڻيل عورت 40 ورهين جي لڇا ڀيل ۽ ڄام نواز علي واسي 25 ورهين جي پٺاڻي باگڙي گهرو پريشانين سبب زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم داخل ڪيو ويو آهي،