ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ديهه ۾ 47 ايڪڙ 20 گهنٽا زرعي زمين جنهن تي جوڻيجن ۽ عباسي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار سبب ڄاڻايل زمين جو سيل سرٽيفڪيٽ مختيارڪار پاران جاري نه ڪرڻ تي فيصل عباسي جي ڌر پاران داخل ڪيل درخواست تي سينيئر سول جج اعجاز علي شاهه جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت پاران مختيارڪار عبدالغفار لاکير، سپروائيزنگ تپيدار قادر بخش سنگراسي ۽ تپيدار عمر فاروق آرائين کي پيش ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي وارنٽ جاري ڪيل هئا. پوليس موجب ته عدالتي حڪمن تي کين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر هو هٿ نه آيا. جڏهن ته روينيو اختيارين جي هدايتن کانپوءِ مختيارڪار عبدالغفار لاکير عدالت ۾ پيش ٿيو ته سينيئر سول جج مٿس ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، عدالت جي حڪم تي روينيو رڪارڊ عدالت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ مسلسل ٽي ڪلاڪ مختيارڪار عدالتي تحويل ۾ رهيو ۽ تڪراري زمين جي سيل سرٽيفڪيٽ تي عدالت ۾ صحيح ڪري ڇڏي، جيڪو عباسي ڌر کي جاري ڪيو ويندو. واضع رهي ته ڄاڻايل زرعي زمين تي عطاءُ الله جوڻيجو ۽ فيصل عباسي جي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ ھو. جوڻيجن جي سرڪاري ڌر ۾ ھجڻ سبب زمين جي مالڪ کي مختيارڪار پاران سيل سرٽيفڪيٽ جاري نه پئي ڪيو ويو. هن کان اڳ ۾ 3 مختيارڪار سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ بجاءِ سياسي دٻاءَ ڪري چارج ڇڏي ويا هئا.