ٽنڊو آدم ( ن پ ا ) ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ طارق عزيز ڏيرو ۾ سماجي براين خلاف جاکوڙيندڙ سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻ سرور ابڙو جي گهر تي ٿيل فائرنگ جو ڪيس 3 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، واقعي خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ پاران شاهجهان جوڻيجو، سرور ابڙو، انورچاڪراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي.