ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم لڳ حيسڪو عملدارن پاران بجلي جا بل نه پيارڻ تان 9 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، رپورٽ موجب حيسڪو سب ڊويزن ٽنڊو آدم ٽو جي عملدارن بجلي جون باقايائون ادا نه ڪرڻ تي 9 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، جن ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي وئي انهن ۾ قيصر چغتائي، سانوڻ ٻرڙو، سومار چاڪراڻي، عرس ٻجورو، لطيف شاھ، دين محمد ورياھ، سلطان خاصخيلي، علي محمد يوسفاڻي ۽ شريف پنجابي شامل آهن، حيسڪو عملدارن موجب ڄاڻايل ڳوٺن ڏانهن 41 لک 85 هزار بقايائون رهيل آهن جن جي ادائگي تائين بجلي بحال نه ڪئي ويندي.