ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ بينڪ مان پئسا ڪڍرائي ويندڙ ڪار سوار ڊرائيور يرغمال، ڏينهن ڏٺي وچ بازار مان 22 لک 35 هزار ڦر، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب شهر جي محمدي چوڪ ڀرسان بينڪ مان پئسا ڪڍرائي ويندڙ ڪار ڊرائيور سفير احمد ڀٽي کي  بلديا واري گهٽي ۾  موٽر سائيڪل سوار 4 هٿياربندن ڏينهن ڏٺي وچ بازار ۾ يرغمال بڻائي 22 لک 35هزار رپيا ڦر ڪري ورتا، ڪار ڊرائيور موجب واپاري  بشير احمد لوڌي جا ڪار جي سودي جا مليل پئسا بينڪ مان ڪڍرائي کڻي وڃي رهيو هئس ته هٿياربندن ڦر ڪئي، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا.