ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ انتظاميا 2 ڪٽ بند ڪرائي گنديون لڳرائي ڇڏيون، رپورٽ موجب باءِ پاس وٽان بااثر پاران روڊ کي 2 ڪٽ ڏئي برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب شھر جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ بعد ڊي سي سانگهڙ ٻئي ڪٽ بند ڪرائي گنديون هڻائي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ايم پي اي فراز ڏيرو سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاھ ڪيو، وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ چيف انجنيئر سردار علي شاهه ٽنڊو آدم پهتو ۽ فراز ڏيرو، شاهد ٿهيم، لالا ايوب ۽ ٻين سان گڏجي ڪٽ واري هنڌ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي هن ڊي سي سانگهڙ محمد اسحاق گاد ۽ ٻين عملدارن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي گنديون ڪڍرائي پاڻي شھر ڏانهن موڪلڻ بند ڪيو وڃي، اڳوڻي تعلقي ناظم لالا ايوب رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چيف انجنيئر شھر ۾ پاڻي ڇڏڻ جي عمل کي غلط قرار ڏيندي گنديون ڪڍرائڻ جي هدايت ڪئي آھي، هن ٻڌايو ته چيف انجنيئر سنڌ جي وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کي به لکت ۾ اهڙي رپورٽ ڏيندو، جيڪڏهن شھر ڏانهن پاڻي موڪلڻ بند نه ڪيو ويو ته شھرين سان گڏجي جلد آئنده جو لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين، جنهن ۾ ڌرڻا ۽ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏئي سگهون ٿا.