ٽنڊوڄام(ن پ ا)  ٽنڊوڄام جي مصروف علائقي پوسٽ آفيس روڊ تي واقع ارسلان عطاري جي ڪريانه هول سيل جي دڪان تي هٿياربندن چڙهائي ڪري دڪاندار کي يرغمال بڻائي، 2 لک رپيا کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ دڪان تي سامان وٺڻ لاءِ بيٺل 2 گراهڪن کان به 35 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. ٻي طرف  شهري ۽ دڪاندارن پاران منان راجپوت جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو حيدرآباد_ ميرپورخاص روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.