ٽنڊو ڄام (رپورٽ: مبين مگسي)  ٽنڊوڄام ۾ مبينا گجرن جي زهرلي حلوي گهر اجاڙي ڇڏيو، حلوو کائڻ سبب فوت ٿيل 2 ڀينرن جو ڀاءُ بہ فوت، ھڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي، فوتين جو انگ ٽي ٿي ويو، ماءُ پيءُ کي بيهوشي جا دورا، علائقي ۾ سوڳ، ان ڏس ۾  شاھي بازار ۾ مبينا زھريلو حلوو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻن ڀينرن جو ڀاءُ 14 ورهين جو   واحب آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. جنھن بعد فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آھي. جڏھن تہ ھڪ نينگر ثاقب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وينٽي ليٽر تي علاج هيٺ آھي. گھر ۾ ٽي ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ڪھرام متل آھي، والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، واضح رھي ته ٻہ ڏينھن اڳ گجرن جو حلوو کائڻ سبب محمد اڪرم راجپوت جي چئن ٻارن جي طبعيت خراب ٿي وئي، جنھن سبب سندس ٻہ ڌيئرون ست ورهين جي   روميسہ ۽ 2 ورهين جي  انمتہ فوت ٿي ويو ھيون، جڏھن تہ  سندس وڏو پٽ نائي ڪلاس جو شاگرد واحب به فوت ٿي ويو. انهي حوالي سان فوتي ٻارن جي پيءُ اڪرم   ٻڌايو ته گهر ۾ گجرن جو حلوو ٺاهي، پوري گهر وارن کاڌو، جنهن ۾ ٻارن جي طبعيت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ اسان کي ڪجهه به ناهي ٿيو. هن چيو ته منهنجي پاڙي ۾ به ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪئين ٿيو آهي.هوڏان فوت ٿيندڙ پهرين نينگري کي چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو  ٻڌايو ته ٻارڙي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آندي وئي هئي ،هن چيو ته فوڊ پوائيزن جا ڪيس ايندا آهن ،انهن جا سيمٽمپس ٻيا هوندا آهن ،هن چيو ته ٿي سگهي ٿو حلوي ۾ ڪا زهرلي شئي ڪري هجي ،هوڏان ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام  ٻڌايو ته فوتي ٻارن جو والد ڏک ۾ آهي ،ان ڪري ساڻس ڳالھ نه ٿي سگهي آهي  ،انڪري جاچ ڪريون پيا.