ٽنڊومستي ويجهو قتل ٿيل نوجوان جو لاش ٿاڻي اڳيان رکي ڌرڻو

0
206

ٽنڊو مستي (ن پ ا) ڪولاب جيئل ڀرسان گذريل رات لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻي کان ڦر دوران مزاحمت تي ھٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڪولاب جيئل واسي نوجوان اعظم پٽ قاسم خاصخيلي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول جي وارثن ڪولاب جيئل پوليس چوڪي اڳيان نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، مقتول جي وارثن پاران قاتل گرفتار نه ٿيڻ تائين لاش دفنائڻ کان انڪار ڪندي مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته ٽنڊومستي پوليس وارثن کان مهلت گهرندي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو.