ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي عمر قيد  هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ان ڏس ۾  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قاضي شاھ محمد اظهر قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن غلام رسول ڪاتيار ۽ نور محمد ڪاتيار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو،  سزا يافته جوابدار پاڻ ۾ ٻئي سڳا ڀائر آهن، سندن خلاف  محمد حسن ولد محمد اسماعيل شيدي جوقتل ڪيس داخل هو.