ٽنڊوجان محمد (ن پ ا ) ٽنڊوجان محمد ۾ ڪامران خاصخيلي، مجيب قمبراڻي، اويس مياڻو، باغي زبير انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سنڌي نوجوانن سان گڏ پنجابي، پٺاڻ، مھاجرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته قائمخاني ويلفيئر طرفان نڪتل تيلي فياض راشد قائمخاني، اعجاز قائمخاني، علي حسن قائمخاني ۽ ٻين شاندار آجيان ڪئي، جڏهن ته پريس ڪلب اڳيان مک تقريب ۾ راڳي حبيب فقير قومي گيت ڳائي نوجوانن کي جھومائي ڇڏيو.