ٽنڊوباگو/ ملڪاڻي(نمائندن وٽان) تعلقي ٽنڊي باگي جي ملڪاڻي شھر جي غريب آباد پاڙي واسڻ مبينا طور پاڻ کي باهه ڏيندڙ سنگيتا ڪولھڻ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ سور نه سهندي فوت ٿي وئي. سنگيتا ڪولھڻ جي مائٽن طرفان سندس شادي ٽنڊو محمد خان ڀرسان جي رھواسي ھڪ ڪولھي نوجوان سان ڪرائي ويئي ھئي، جيڪا ھڪ ھفتي بعد ستاڙي جي رسم طور سھريجن مان ملڪاڻي شھر ۾ سندس مائٽن وٽ آئي جتان 13 ڏينهن اڳ ساڳئي پاڙي جي شادي شده نوجوان ميول ميگھواڙ سان نڪري ٻئي ڄڻا ٽنڊوباگو تعلقي شھر جي سانگي ڦرھو پھتا ته ناري جي مائٽن ۽ ڏيئي پوليس کين پڪڙي ڏيئي ٿاڻي تي آندو. جوڙي کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بدران ناري کي مائٽن حوالي ڪيو ويو جن وري ناري کي پنهنجي مڙس حوالي ڪيو، جتي ٽي ڏينهن اڳ ناري مبينا طور پاڻ کي باهه ڏيئي ڇڏي هئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھوءَ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي. جڏهن ته ملڪاڻي جي شھرين طرفان اھي چوٻول آهن ته ناري سنگيتا کي مبينا طور باھ ڏئي ساڙيو ويو آهي. ھوڏانھن ڏيئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد خان ڪلوئي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان ڏيئي ٿاڻي تي اھڙي ڪنهن به جوڙي کي گرفتار ڪري نه آندو هو. رابطو ڪرڻ تي ناري جي وارثن پاران موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف بلاول هائوس جي ترجمان ۽ انساني حقن بابت وڏي وزير جي خاص مددگار سريندر ولاسائي هن واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي بدين کي شفاف انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.