ٽنڊوباگو (ن پ ا) آءِ بي اي   پاران 2021 ۾ ورتل ماستري جي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ بدين ضلعي جي نوجوانن پاران  تعليم کاتي خلاف  ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان نورحسن کوسو، شعيب ڀرڳڙي، نياز لنڊ، برهان شيخ جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري تعليمي ڊگريون ساڙي ڇڏيون. مظاهرين چيو ته 33 کان 39 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته تعليم کاتي پاران هارڊ ۽ سافٽ ايريا جو ڊرامو رچائي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ملڪ ۾ انصاف نه ملي اتي ڊگريون رکڻ مان ڪو فائدو ناهي.